خاصخيلي، ملڪ محسن علي

خاصخيلي، ملڪ محسن علي

ملڪ محسن علي خاصخيلي

ملڪ محسن علي خاصخيلي : محقق ۽ مترجم ملڪ محسن علي خاصخيلي 12 جون 1946ع تي ڳوٺ کاروڙي تعلقي ننگرپارڪر ضلعي ٿرپارڪر ۾ سانوڻ خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪري 1964ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. هن 1962ع ۾ اسڪائوٽنگ ٽريننگ پاس ڪري قائد اعظم اوارڊ پڻ ماڻيو. 1963ع ۾ سنڌي فائينل ۽ 1969ع ۾ بي.اي ڪيائين. 1964ع ۾ استاد مقرر ٿيو. 1974ع ۾ عالم پلي تعلقي عمرڪوٽ مان عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيو. ان عرصي دوران هن فارسي ۽ عربي جو اڀياس ڪيو ۽ 76-1975ع ڌاري ننگرپارڪر ۾ چنديرام ڀاٽ کان هندي گجراتي سکيائين. ملڪ محسن عليءَ نوڪري دوران خاصخيلي ذات تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو، سندس پهريون ڪتاب ’تاريخ گلشن خاصخيلي‘ 1977ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ سندس ڪتاب ’تاريخ خاصخيلي‘ 2011ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ڪتاب تي کيس مڃتا اوارڊ ’حسن ڪارڪردگي‘ اوارڊ عطا ڪيو ويو. ان کانسواءِ سندس هيٺيان ڪتاب قلمي صورت ۾ آهن. (1) اقوام عالم، (2) اعتساب عالم، (3) بلوچ قبائل ترجمو، (4) ڪتاب الخيل ۽ (5) مارئي تحيقيق.


لفظ ملڪ محسن علي خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.06.12  عيسوي

محقق ۽ مترجم ملڪ محسن علي خاصخيلي 12 جون 1946ع تي ڳوٺ کاروڙي تعلقي ننگرپارڪر ضلعي ٿرپارڪر ۾ سانوڻ خاصخيلي جي گهر ۾ جنم



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوهر بروهي
پٺاڻ آغا طارق
جارج اسٽيفنسن
ٿڌاڻي انيل
ذوالفقار شاهه
عبدالڪريم بوبڪائي مخدوم
مائي ڀاڳي
حبيب الله فڪري
نور محمد انڍڙ
ڄاموٽ شفقت حسين شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون